شهيد هوش محمد شيدي لائبرري واڻڪي وسي

شهيد هوش محمد شيدي لائبرري، واڻڪي وسي: حيدرآباد ڀرسان واڻڪي وسيءَ ۾ موجود هيءَ لائبرري 2007ع ڌاري ڪامريڊ عاصم آخوند، ڪامريڊ محب لغاري، لطيف لغاري، نثار علي لغاري، محب آزاد، اميد علي لغاري، چيتن ڪمار ۽ شڪيل احمد جي ڪوششن سان قائم ٿي. هن لائبرريءَ لاءِ ابتدا ۾مختلف اديبن ڪتاب تحفي طور ڏنا. هن وقت لائبرريءَ ۾ ٻه هزار کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. هن لائبرريءَ کي نوجوان صحافي ڪامريڊ محب لغاري سنڀالي رهيو آهي. هن لائبرريءَ ۾ اخبارون ۽ رسالا پڻ ايندا رهن ٿا. لائبرريءَ جي ميمبرن جو تعداد 200 جي لڳ ڀڳ آهي. واڻڪي وسيءَ ۾ هن کان اڳ 1940ع ڌاري ’رامچند نارائڻ پبلڪ لائبريري‘ قائم ٿي هئي، ان کان پوءِ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ’شهيد فاضل راهو‘ ۽ ’شاهه لطيف‘ نالن سان پڻ لائبرريون قائم ٿيون هيون، جيڪي وقت سان گڏ ختم ٿي ويون. پر ان تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ جنوري 2007ع ۾ شهيد هوش محمد شيديءَ جي نالي سان منسوب هن لائبريريءَ جو بنياد رکيو ويو. هن لائبرريءَ لاءِ محمد ابراهيم جويي، اسرار شام، اڪبر لغاريءَ، ادريس جتوئي ۽ ٻين ڪتاب ڏنا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو